اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ برطانيا ڪرڪيٽ سيريز ۾ پاڪستان جي کٽڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 17 سالن کانپوءِ برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان اچي رهي آهي، آئون توهان کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آه??ان ته اسان کٽينداسين. برٽش هاءِ ڪميشن ۾ ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و ته برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم 17 سالن کانپوءِ پاڪستان اچي رهي آهي ۽ آئون توهان کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آه??ان ته اسان کٽينداسين. پاڪ برطانيا لاڳاپن جي استحڪام ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جو ڪر??ار ساراهه جوڳو آهي، هن پاڪستان ۽ برطانيا جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ ڀرپور ڪر??ار ادا ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جا تاريخي لاڳاپا آه??، انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انهن دوستاڻن لاڳاپن کي واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ تعاون ڪنداسين.