اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بحالي ۽ بجيٽ 23 -2022ع ۾ ڪٽوتي نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي دور وانگر فعال بڻايو وڃي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موج?? وزيراعظم هائير ايجوڪيشن ڪميشن ??اب?? منصوبابندي ۽ ناڻي واري وزارت کي هدايتون جاري ڪيون آهن، ??زي??اعظم هدايت ڪئي آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ گذريل پوڻا چئن سالن ۾ ڪٽوتين اعليٰ تعليم تي منفي ??ثر وڌو آهي، ان عمل کي واپس ڪيو وڃي، سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ تعليمي پراجيڪٽس جي بحالي تي ڌيان ڏنو وڃي، اعليٰ تعليم کي عال??ي معيار تي هموار ٿيندي پروگرامز جي تعداد ۾ اضافو ڪيو وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي نه ڪئي وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي وسيلن ۾ چڱو خاصو اضافو ڪيو وڃي. استادن ۽ شاگردن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيو وڃن.