برآمد ڪندڙن جي مسئلن جي حل لاءِ ضروري انفراسٽرڪچر ۽ موثر ون ونڊو آپريشن جهڙيون سهولتون فراهم ڪري سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني ويندي: وزيراعظم شهباز شريف

image
APP52-200522 KARACHI: May 20 - Prime Minister Shehbaz Sharif chairing a meeting of a group business community. APP

ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته برآمد ڪندڙن جي مسئلن جي حل لاءِ ضروري انفراسٽرڪچر ۽ موثر ون ونڊو آپريشن جهڙيون سهولتون فراهم ڪري سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪاروباري برادري جي هڪ گروپ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ کي درپيش مالياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم واپاري برادري تي زور ڏنو ته اها برآمدي شعبن جهڙوڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي ترقي تي ڌيان ڏين. هن ان مقصد جي لاءِ ملڪ جي سمورن حصن ۾ ايڪسپورٽ انڊسٽريل زونز تيار ڪرڻ جو واعدو ڪيو جنهن ۾ برآمد ڪندڙن کي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ضروري انفراسٽرڪچر ۽ ون ونڊو آپريشن جهڙيون سهولتون فراهم ڪري سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني ويندي. هن گرين ۽ قابل تجديد توانائي جي پيداوار جي لاءِ شمسي ۽ هوا جي شعبن کي ترقي ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ڇوته پاڪستان تيل جي درآمد تي ساليانو 20 ارب ڊالر خرچ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته حڪومت پاران لگزري ۽ غيرضروري شين جي درآمد تي پابندي جي فيصلي سان ساليانو 4 ملين ڊالر جي بچت ٿيندي جيڪا پام آئل جي سالياني درآمد جي لاءِ ڪافي آهي. وزيراعظم خواهش ظاهر ڪئي ته واپاري برادري سميت پوري قوم اسان جي خراب سماجي اقتصادي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ڇو ته اڳتي وڌڻ جو اهو ئي واحد رستو آهي.

مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں