وزيراعظم پاران مخدوم جاويد هاشمي جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

image

اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سينيئر سياستدان ۽ پارليامينٽرين مخدوم جاويد هاشمي جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مخدوم جاويد هاشمي جي آپريشن کانپوءِ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته جاويد هاشمي هڪ مخلص ڀاءُ ۽ ملڪ ۽ پارٽي جو قيمتي اثاثو آهي، الله تعاليٰ کيس جلد صحتياب ڪري.

مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل
متعلقہ مضامین
مزید خبریں