اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) تي زور ڏنو آهي ته مارڪيٽ ۾ وڌيڪ تعليم يافته ۽ هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام متعارف ڪرائڻ ۽ ان جو تعداد وڌائڻ ل??ءِ يونيورسٽين جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، فيصله ساز تيزي سان بدلجندڙ عالمي مارڪيٽ جي ضرورتن کي پوري طرح سمجهڻ ۾ سستي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ايڇ اي سي کي اهڙي اهم معاملي تي تيزي سان فيصله سازي کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هو ايوان صدر ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئ??نگ سائنسز اينڊ ٽيڪنا??اج?? (جي آءِ ڪي آءِ) ٽو پي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئ??نگ سائنسز اينڊ ٽيڪنا??اج?? جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر فضل اي خالد، سوسائيٽي فار پروموشن آف انجنيئ??نگ سائنسز اينڊ ٽيڪنا??اج?? جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر شڪيل دراني، غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئ??نگ سائنسز اينڊ ٽيڪنا??اج?? جي سينئر مينيجمينٽ جي ميمبرن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ تعليم واري وفاقي وزارت جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر اعليٰ تعليم تائين پهچ کي وڌائڻ ۽ اعليٰ تعليم يافته ۽ پيشيور گريجوئيٽ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ل??ءِ يونيورسٽين ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته يونيورسٽين کي پنهنجي گريجوئيٽس کي مهارت فراهم ڪرڻ ل??ءِ سکڻ جي آن لائن ۽ هائبرڊ طريقن کي متعارف ڪرائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ريڪٽر غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئ??نگ سائنسز اينڊ تيڪنا??اج?? اجلاس کي يونيورسٽي پاران تعليم جي فروغ لاءِ کنيل مختلف نون قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئ??نگ سائنسز اينڊ ٽيڪنا??اج?? گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ ل??ءِ هڪ جامع آن لائن تعليمي نظام متعارف ڪرائي رهيو آهي، وڌيڪ اهو ادارو تعليمي سال 23 -2022ع ڪمپيوٽر سائنس ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ نوان پروگرام پيش ڪندو، ان کانسواءِ مصنوعي ڏاهپ، ڊيٽا سائنس ۽ سول انجنيئ??نگ ۾ ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام متعارف ڪرايا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئ??نگ سائنسز اينڊ ٽيڪنا??اج?? تعليم جي معيار کي وڌائڻ کانسواءِ ملڪ ۾ تحقيق ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ ل??ءِ مقامي ۽ عالمي ادارن سان گڏ تحقيقي تعاون ۽ عالمي رابطن کي فروغ ڏئي رهيو آهي، اجلاس کي مستقبل جي پروگرامن سان گڏوگڏ يونيورسٽي جي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ اپ گريڊيشن جي منصوبن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.