سعودي عرب جي دوري دوران سعودي قيادت سان گهڻ رخيون ڳالهيون ڪيُون وينديُون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هو سعودي عرب جي دوري دوران سعودي قيادت سان گهڻ رخيون ڳالهيون ڪندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو ڀائيچاري ۽ دوستي جي رشتن جي تجديد ۽ ورجاءُ ڪرڻ لاءِ سعودي عرب جي دوري تي وڃي رهيو آهي. سعودي قيادت کان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندس، هن چيو ته سعودي عرب اسان جي عظيم دوستن مان هڪ آهي ۽ خادم حرمين شريفين جو اسان جي دلين ۾ هڪ خاص مقام آهي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں