وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قائداعظم جي مزار جي حاضري، گلن جي چادر چاڙهي

image
APP23-130422 KARACHI: April 13- Newly elected Prime Minister Shahbaz Sharif offering Fateha at the mausoleum of Quaid-e-Azam Muhammad Ali Jinnah in Provincial Capital.APP Photo by M Saeed Qureshi

ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار جي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، اربع ڏينهن وزيراعظم جي ڪراچي ايئرپورٽ آمد تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس آجيان ڪئي ۽ وزيراعظم سان پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏ مزار قائد پهتو، هن مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا، ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه خالد مقبول صديقي، جمعيت علماءُ اسلام (ف) جو قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ مولانا اسعد محمود، اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، اڪرم دراني ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.

مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک
متعلقہ مضامین
مزید خبریں