اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??هب??ز شريف اڱاري ڏينهن اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ميان محمد ??هب??ز شريف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??هب??ز شريف مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پڻ ويو ۽ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??هب??ز شريف سردار اختر مينگل، ڊاڪٽر خالد مگسي، شاهه زين بگٽي ۽ اسلم ڀوتاڻي سان پڻ ملاقاتون ڪيون. ??هب??ز شريف وزيراعظم جي عهدي تي پنهنجي نامزدگي، حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ تعاون تي سڀني قائدين، اڳواڻن ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ??هب??ز شريف اتحادي پارٽين جي قائدين سان ڪابي??ا جي جوڙجڪ تي اهم مشاورت پڻ ڪئي. هن چيو ته اسان انهي جذبي ۽ گڏيل اعتماد سان اڳتي وڌنداسين جنهن جي ذريعي هن منزل تائين پهچڻو ??هي. هن اتحادي پارٽين جي قائدين کي يقين ڏياريو ته اتحاد، مشاورت ۽ تعا??ن سان اڳتي وڌنداسين ۽ گڏجي مسئلا حل ۽ واعدا پورا ڪنداسين.