اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم آفيس پهچي ذميداريون باضابطه انجام ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، وزيراعظم شهباز شريف مقرر آفي?? وقت شروع ٿيڻ کان اڳ ئي صبح 8 وڳي ??فيس پهچي ويو، جڏهن ته رمضان المبارڪ ۾ سرڪاري وقت موجب آفيسون صبح 10 وڳي کلنديون آهن، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف هفتي ۾ ٻن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن موڪل جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته سرڪاري آفيسن جي وقت ۾ تبديلي ڪندي آفيسون 10 وڳي ??دران 8 وڳي کولڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف جي آفي?? سنڀاليندي ئي عوام کي رليف جي فراهمي جي انهن جي اعلانن تي عملدرآمد جو آغاز شروع ٿي ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي اعلانن تي عملدرآمد جا حڪم جاري ڪيا، هن هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران سستي بازارن ۾ معياري ۽ سستي اگهن تي شين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، هن رمضان بازارن جي سخت ما??يٽرنگ يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم خ??رد??ر ڪيو ته عوام کي سستي شين جي فراهمي ۾ غفلت ??رد??شت نه ڪئي ويندي، هن پينشرن جي پينشن ۾ اضافي، گهٽ کان گهٽ پگهار 25 هزار ڪرڻ جي اعلانن تي فوري طور عملدرآمد جو حڪم به جاري ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف سان وزيراعظم آفيس جي آفيسرن ۽ عملي ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم انهن کي هدايت ڪئي ته هو هوشيار ٿي وڃن اسان عوام جي خدمت لاءِ آيا آهيون، هڪ لمحو به ضايع ڪرڻ کانسواءِ عوام جي خدمت ڪنداسين، هن چيو ته ايمانداري، شفافيت، اڻٿڪ محنت اسان جا رهنما اصول آهن.