ايوان صدر پاران اليڪشن ڪميشن کي عام چونڊون منعقد ڪرائڻ لاءِ خط

image

اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) ايوان صدر پاران اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جي حوالي سان خط موڪليو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خط ۾ اليڪشن ڪميشن کي قومي اسيمبلي جي تحليل جي 90 ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائڻ لاءِ تاريخ ڏيڻ جو چيو ويو آهي، آئين جي آرٽيڪل 48 فائيو اي ۽ آرٽيڪل 224 (2) تحت صدر عام چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ مقرر ڪندو، خط ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي چونڊن لاءِ اسيمبلي جي تحليل جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻيون هونديون آهن، عام چونڊن جي تاريخ جي اعلان لاءِ اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت اليڪشن ڪميشن سان مشاورت ضروري آهي.

مضمون کا ماخذ : sorteios quina
متعلقہ مضامین
مزید خبریں