پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي موجودگي ۾ خط جي معاملي تي ان ڪئميره بريفنگ ڏني وڃي: نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف جو قومي اسيمبلي ۾ خطاب

image
Prime Minister Elect Mian Shehbaz Sharif addressing the National Assembly in Islamabad on 11th April, 2022.

اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي موجودگي ۾ خط جي معاملي تي ان ڪئميره بريفنگ ڏني وڃي، جيڪڏهن ان معاملي ۾ اسان جي ملوث هجڻ جو ثبوت مليو ته سڀني کي گواهه بڻائي چوان ٿو ته آئون پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس، برطانيا، آمريڪا ۽ يورپي يونين سان اسان جا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا قائم آهن، اسان ڀارت سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون پر ڪشمير مسئلي جي حل تائين خطي ۾ پائيدار امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، جمهوريت ۽ معيشت کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڊيڊ لاڪ بدران ڊائيلاگ ۽ جهيڙي بدران مفاهمت سان ڪم وٺڻو پوندو، پينشنرز کي فوري ريليف ڏيڻ جي لاءِ سول ۽ آرمي جي پينشنرز جي پينشن ۾ پهرين اپريل کان 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو ۽ نجي شعبو به هڪ لک تائين پگهار وصول ڪندڙ پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪري، بطور خادم پاڪستان چئني صوبن کي کڻي هلندس ۽ پوري ملڪ کي هڪ جهڙي ترقي جي رستي تي آڻينداسين، شاگردن کي وڌيڪ ليپ ٽاپ ڏينداسين. قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ وزيراعظم ميان شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ جا جيترا به ٿورا ادا ڪريان گهٽ آهن ته هن پنهنجي ڪمال مهرباني سان هن ايوان ۾ فرنٽ بينچز تي قائدين جي ڪمٽمنٽ ۽ ڪروڙين ماڻهن جي دعائن سان پاڪستان کي بچائي ورتو آهي. هي تاريخ ۾ پهريون موقعو آهي جو بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿي، حق جي فتح ٿي ۽ باطل کي شڪست ٿي. اڄ جو ڏينهن پوري قوم جي لاءِ عظيم ڏينهن آهي ته هن ايوان ڌانڌلي جي پيداوار وزيراعظم کي آئين ۽ قانون جي ذريعي پنهنجي گهر جو رستو ڏيکاريو آهي. ان کان وڌيڪ خوشي جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته اڄ رپئي جي قدر ڊالر کان وڌي آهي. ڊالر 8 رپيا هيٺ ويو آهي. اهو الله جو تمام وڏو فضل ڪرم ۽ 22 ڪروڙ عوام جو هن ايوان تي ڀرپور اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو آئين شڪني ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ نظريه ضرورت کي دفن ڪرڻ تي ٿورا مڃان ٿو. جنهن ڏينهن اعليٰ عدليه فيصلو ڏنو ان ڏينهن کي پاڪستان جي آئين جي سربلندي جو ڏينهن ملهائڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل هڪ هفتي کان ڊرامو ۽ نڪ نرڄائي سان ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهايو پئي ويو ته خبر نه آهي ته ڪهڙو خط آيو آهي، اڄ به ڊپٽي اسپيڪر خط لهرايو آهي ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽري کي چيو آهي ته هي خط ليڊر آف دي اپوزيشن کي ڏيکاري پر مون اڃا تائين اهو خط ناهي ڏٺو. هن چيو ته ان حوالي سان هاڻي کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان ان حوالي سان ملاقات 8 مارچ کان ڪيترائي ڏينهن اڳ ٿي. 3 مارچ تي مسلم ليگ (ن) مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ۽ پي ڊي ايم ۾ اسان اهو معاملو کڻي آياسين ۽ فيصلو ٿيو ته اها قرارداد جمع ڪرائينداسين. هن چيو ته اسان جا فيصلا تمام گهڻو اڳ ٿي چڪا هئا. پوري قوم ۽ هن ايوان جي هڪ هڪ ميمبر کي حق حاصل آهي ته حقيقت ڄاڻڻ چاهين ٿا ته جيئن اهو بحث سدائين جي لاءِ ختم ٿي وڃي. هن چيو ته آئون بطور چونڊيل وزيراعظم چوان ٿو ته پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ هٿياربند فوج جي سربراهن جي موجودگي ۾ ان ڪئميره بريفنگ ڏني وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن ان ڳالهه جو شڪ ٿيو ۽ اسان جي ملوث هجڻ جو ثبوت مليو ته آئون سڀني کي گواهه بڻائي چوان ٿو ته پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس. هن چيو ته پنهنجي قائد ميان محمد نواز شريف کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن سمورين اتحادي پارٽين جي ميمبرن ۽ اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. هن ملڪ جي وڪيل برادري، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهي اسان جي جدوجهد جو اول دستو هئا، پوري ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل لکين وڪيلن جا پڻ ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته آئون ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته قرض جي زندگي ڪا زندگي نه آهي، زندگي اها ئي آهي جيڪا خون پسيني جي رزق سان حاصل ٿئي ٿي. جيڪڏهن اسان کي زندهه رهڻو آهي ته هڪ باوقار ۽ خودمختيار قوم وانگر رهڻو آهي، ان کانسواءِ اسان وڃايل مقام حاصل نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته ماضي ۾ اسان جي ماڻهن تي چرس ۽ ڀنگ جهڙا ڪيس ٺاهيا ويا. اهو ان دور ۾ ٿيو جيڪي نئون پاڪستان آڻڻ چاهيندا هئا ۽ انصاف ڏيڻ چاهيندا هئا. هن چيو ته نه ڪير غدار آهي ۽ نه ئي ڪير غدار هو. اسان کي هن ملڪ جي جمهوريت ۽ معيشت کي اڳتي وڌائڻو آهي ته ڊيڊ لاڪ نه ڊائيلاگ، جهيڙي نه مفاهمت سان ڪم وٺڻو پوندو. هن چيو ته الله ڄاڻي ڪهڙي تبديلي جي هوا هلي جو معيشت ۽ معاشرو تباهه ٿي ويا. معاشري جي اندر ايترو زهر پکڙجي ويو آهي جو ان زهر آلود پاڻي ڪڍڻ ۾ صديُون لڳي وينديُون. اسان حالتن جو صحيح ادراڪ نه ڪيو ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي. معيشت جي صورتحال انتهائي ڳنڀير ٿي چڪي آهي، ڊالر جي قدر گهٽ ٿيڻ ۾ اسان جي سياسي قائدين جي محنت شامل آهي. هن بلاول ڀٽو زرداري، خالد مگسي، امير حيدر هوتي، محسن داوڙ، اختر مينگل، شاهه زين بگٽي ۽ مولانا اسعد محمود کي مخاطب ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان کي ملڪ جي ٻڏل ٻيڙي کي پار لڳائڻو آهي ته ان لاءِ اتحاد کانسواءِ ڪو نسخو ڪارائتو ثابت نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته جيڪڏهن الله چاهيو ته اڻٿڪ محنت سان صورتحال بهتري ۾ بدلجي ويندي. شهباز شريف چيو ته هن ايوان ۾ اڳوڻو وزيراعظم منهنجي جڳهه تي هو ۽ آئون اپوزيشن ليڊر جي سيٽ تي هئس مون سوچي سمجهي ميثاق معيشت جي آڇ ڪئي هئي، ان تجويز کي حقارت سان نه ٺڪرايو وڃي ها ته معيشت جو ايترو برو حال نه هجي ها. هن چيو ته جيڪڏهن انهن ۾ پاڪستانيت جو جوش ۽ جذبو هجي ها ۽ اهي رعونيت ۾ نه هجن ها ته اڄ پاڪستان اڳتي وڃي رهيو هجي ها ۽ لکين پاڪستاني بيروزگار نه ٿين ها. هن وقت پاڪستان کي بدقسمتي سان هلندڙ مالي سال ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو بجيٽ خسارو درپيش آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو، ٻه ڪروڙ ماڻهو بيروزگار ۽ ڪروڙين پاڪستاني مهانگائي جو شڪار آهن. لکين ڪروڙين ٻار بک سبب ماني کانسواءِ سمهن ٿا. خبر نه آهي انهن کي ننڊ ڪيئن ايندي هئي. اسان کي انهن ٻارن جو خيال ڪرڻو پوندو، خبر نه آهي شين جون قيمتون ڪٿي پهچي چڪيون آهن. پوڻا چار سالن ۾ کربين رپين جا قرض ورتا ويا. انهن هڪ سر به نه لڳائي. مجموعي طور تي پاڪستان 2018ع تائين 25 هزار ارب رپيا قرض ورتو. عمران خان جي حڪومت پوڻا چار سالن ۾ 20 هزار ارب رپين جو اضافو ڪيو آهي. اهڙي طرح جي تصوير ڪشي سان دل ڏڪي وڃي ٿو. هن چيو ته اسان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ 500 ملين ڊالر گهٽتائي آئي. آبادگار ڀاڻ جي لاءِ رلي رهيا آهن. اسان ڪڻڪ ۽ کنڊ جا ايڪسپورٽر هئاسين، هاڻي اسان امپورٽر بڻجي چڪا آهيون. کنڊ 52 مان 100 رپيا، اٽو 100 رپين تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ اسان ترقي جي نئين دور جي شروعات ڪري رهيا آهيون. اسان مائرن ۽ ڌيئرن جي ڏک درد جو مداوو ڪنداسين. آبادگارن ۽ مزدورن جون مشڪلاتون ختم ڪنداسين. 1940ع ۾ چرچل جي خطاب جو حوالو ڏيندي هن چيو ته گذريل حڪومت اڄ جنهن مقام تي ملڪ کي پهچايو آهي ته اسان وٽ ڏکن ۽ ڳوڙهن کانسواءِ ڪجهه نه آهي. پر محنت ۽ ايمانداري سان ڪوشش ڪئي ته ضرور ڪامياب ٿينداسين. اهو ئي واحد رستو آهي. هن چيو ته ماڻهو اسان کان سوال ڪندا ته اهو ڪيئن ٿيندو. هن چيو ته 1974ع ۾ پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو هو ۽ ميان محمد نواز شريف سموري دٻاءُ ۽ لالچن کي هڪ طرف رکندي چيو ته مسٽر پريزيڊنٽ توهان جي 5 ارب ڊالر جي آڇ جا ٿورا. هن پاڪستان جي مفاد ۾ ملڪ کي سدائين جي لاءِ فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو. اسان ماضي ۾ 18 هين ترميم گڏجي ڪئي جنهن سان صوبن کي حق مليا. اسان نئون اين ايف سي ايوارڊ ڏنو. جيڪڏهن اڳوڻي حڪومت جو جذبو هجي ها ته اهي نئون اين ايف سي ايوارڊ ڏئي سگهيا پئي. هن چيو ته اسان سڀني گڏجي چونڊ سڌارا منظور ڪرايا. سي پيڪ تحت 30 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري کڻي آياسين. جهڙي طرح اهو سڀ ڪيو اهڙي طرح اڳتي به سڀ ڪجهه ڪنداسين. ”بيگرز ڪين ناٽ بي چوزرز“ چوندڙ پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسن. هن چيو ته اسان ماضي ۾ اونداهي ختم ڪرڻ جي لاءِ بجلي جا ڪارخانا لڳايا. پراڻي پاڪستان ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ ايڪسپورٽ ٿي هئي، نواز شريف جي دور ۾ اسپتالن ۾ مفت علاج ۽ دوائون شروع ڪيون ويون. اسان ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اسپتالون ۽ درسگاهون ٺاهيون، اسان ليور اينڊ ڪڊني انسٽيٽيوٽ ۽ جگر جي پيوندڪاري جي لاءِ ادارا ٺاهيا جن کي هنن برباد ڪري ڇڏيو آهي. اسان همت ڪنداسين ۽ اڳتي وڌون. آئون غريب ماڻهن جا ڳوڙها اگهڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 25 هزار رپيا ڪري رهيو آهيان. اهو پهرين اپريل کان لاڳو ٿيندو. الله سيڙپڪارين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ همت ڏي. سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان کي شاندار ملڪ بڻائينداسين، سمورا نجي شعبا هڪ لک ماهوار تائين پگهار کڻندڙ ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪن. پينشنرنز کي اڳوڻي دور ۾ نظرانداز ڪيو ويو، سول ۽ فوجي پينشنرز جي پينشن ۾ 10 سيڪرو اضافو پڻ پهرين اپريل کان لاڳو هوندو. هن چيو ته پوري پاڪستان جي بازارن ۽ پاڙن ۾ رمضان پئڪيج جي نالي سان سستو اٽو کڻي اينداسين. اسان سستا ترين بجلي جا منصوبا لڳايا ۽ هنن ايل اين جي نه گهرائي جنهن جي ڪري مهانگي بجلي پيدا ٿي رهي آهي. بجلي مهانگي ٿيڻ سان ڪارخانن ۽ ايڪسپورٽرز جي تباهي ٿي آهي، هي ايوان وفاق پاڪستان جو خوبصورت گلدستو آهي، ان سان چئني صوبن جي نمائندگي، ننڍن صوبن ۾ ترقي جو عمل مقصود آهي. پنجاب وڏو ڀاءُ ضرور آهي پر پنجاب پاڪستان نه آهي، پاڪستان سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه پاڪستان آهي. آئون بطور خادم پاڪستان چئني صوبن کي کڻي هلندس ۽ پوري ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻينداسين. نوجوان نسل جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ آفيم بدران وڌيڪ ليپ ٽاپ ڏينداسين. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ٻيهر آڻينداسين. اسان 2013ع ۾ اقتدار ۾ اچي ان پروگرام جو نالو اهو ئي رکيو ان جي لاءِ وڏي دل ۽ سخاوت گهرجي. هن چيو ته پيڊ انٽرن شپ جي پروگرام کي جديد بنيادن تي قائم ڪنداسين. پرڏيهي محاذ تي اسان کي ناڪامين کي منهن ڏيڻو پيو، دوست اسان کي ڇڏي ويا. چين سدائين پاڪستان جو نه رڳو اقتصادي طور تي ساٿ ڏنو پر هر عالمي فورم تي اسان جي حمايت ڪئي. اها دوستي ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ رهي ٿي. اها اسان اسان کان ڪير به کسي نه ٿو سگهي. گذريل حڪومت ان دوستي ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن ڇو اهڙو ڪم ڪيو جو اسان جو دوست اسان کان پري ٿي وڃي. يقين ڏياريان ٿو ته اها دوستي قيامت تائين قائم رهندي ۽ سي پيڪ کي پوري طاقت سان اڳتي وڌائينداسين. سعودي عرب اسان جو انتهائي پراڻو ۽ شفيق دوست ملڪ آهي، پاڪستان ڀارت جي 5 ڌماڪن جي مقابلي ۾ 6 ائٽمي ڌماڪا ڪري ڏند کٽا ڪيا ته ان وقت سعودي عرب اسان کي يقين ڏياريو هو ته توهان فڪر نه ڪريو اسان توهان جو سڄو سال تيل جي ضرورت پوري ڪنداسين. ان کانپوءِ اڳوڻي پرڏيهي وزير جو اهو بيان افسوسناڪ آهي ته ڪشمير تي ڳالهيون اسان سعودي عرب کانسواءِ ڪنداسين. اسان سعودي عرب جي فراخدلاڻي محبت ۽ امداد کي سڄي عمر نه وسارينداسين. اسان سعودي عرب جي فرمانروا ۽ ولي عهد جا خاص طور تي ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته ترڪيءَ ڪشمير جي موقف تي سدائين پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي. گڏيل عرب امارات، قطر، ڪويت، اومان سميت سمورن نار ۽ وچ اوڀر جي ملڪن سان لاڳاپن کي سگهه ڏينداسين. ايران سان پڻ واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ بهترين بڻائينداسين. ڀارت سان لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ڀارت سان اسان جا لاڳاپا صحيح نه ٿي سگهيا آهن. نواز شريف جڏهن ڀارت سان امن جو هٿ وڌايو ته ان سان گڏ ئي هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان هڪ زبردست تقرير ڪئي هئي. ان جي ابتڙ آگسٽ 2019ع ۾ آرٽيڪل 370 تحت جڏهن ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي وئي ته اسان سرينگر هاءِ وي کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو ۽ نه ئي سنجيده ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته اسان ڀارت سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون پر ڪشمير مسئلي جي حل تائين خطي ۾ پائيدار امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، اسان هر فورم تي پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جو آواز اٿارينداسين ۽ انهن کي سفارتي ۽ اخلاقي سپورٽ فراهم ڪنداسين. وزيراعظم ڀارتي هم منصب کي دعوت ڏني ته خطي ۾ غربت، بيروزگاري جي خاتمي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪشمير مسئلي کي ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي لاءِ پڻ آواز اٿاريندو. اسان کي پاڪستان ۾ تقسيم در تقسيم کي ختم ڪرڻو آهي. اسان کي اختلافن جي لڪير کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ اتفاق سان مسئلا حل ڪرڻا پوندا. هن چيو ته آمريڪا سان اسان جا تاريخي لاڳاپا آهن، ان ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، اسان کي برابري جي سطح تي آمريڪا سان لاڳاپا قائم ڪرڻا آهن. هن چيو ته افغانستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، اتان جي لکين عوام کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، اسان کي هڪ آواز ٿي انهن جي حق جي آواز جي ڳالهه ڪرڻي آهي ڇو ته اتان جون حالتون جيڪڏهن خراب ٿيون ته پاڪستان تي ان جا اثر پوندا.

مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa
متعلقہ مضامین
مزید خبریں