هاڻي سينٽرل جيل جي حاضري رجسٽر جو صفحو مٽجي چڪو آهي، ڏوهاري چار سال ملڪ تي مڙهيل ۽ بيگناهه جيلن ۾ رهيا: وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله

image

اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هاڻي سينٽرل جيل جي حاضري رجسٽر جو صفحو مٽجي چڪو آهي، ڏوهاري چار سال ملڪ تي مڙهيل ۽ بيگناهه جيلن ۾ رهيا. گهرو وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي مختصر بيان ۾ هن چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي ڪرم سان بيگناهن کي عزت ڏني ۽ سرخرو ڪيو آهي. الله تعاليٰ جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي قدرت جو اهو نظارو عوام کي ڏيکاريو آهي، ٻين کي رسوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ خوار ٿي ويا آهن، هاڻي آئين ٽوڙيندڙ ۽ گهڙي چور جيلن ۾ ويندا.

مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria
متعلقہ مضامین
مزید خبریں