اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ماضي ۾ قومي بيانيي تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، انفارميشن وار فيئر ۽ پروپئگنڊه کي نئين ٽيڪنالاجيز تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيستائين اسان کي پنهنجو بيانيو پيش ڪرڻ ۽ ٻين جي بيانيي جو جواب ڏيڻ نه ايندو ان وقت تائين اسان جي نيشنل سيڪيورٽي خطري ۾ رهندي، ڀارتي حڪومت ۽ ڊس انفوليب جي ذميوارن گڏجي پاڪستان جي خلاف وڏي مهم شروع ڪئي، اسان 850 اهڙيون ويب سائيٽس پڪڙيون جيڪي ڀارت پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه جي لاءِ تيار ڪيون هيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر معيد يوسف بهتر انداز سان پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏنيون، هن زبردست فورم جوڙي ڇڏيو جنهن ۾ پوري دنيا مان ماڻهو هتي آيا آهن. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي بجيٽ ڪجهه ڪروڙ رپيا آهي، اسان کي ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ فلم ”مارول“ ۾ هيروئن ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي جو ذڪر ڪيو، ان هڪ ڊائيلاگ سان اسان جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي سڄي محنت تي پاڻي ڦري ويو ڇو ته اهڙين فلمن جي پهچ وڌيڪ هوندي آهي. هن چيو ته مودي ڀارت جو تشخص خراب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر ان جي باوجود ڀارت ۾ ميوزڪ، فلم ۽ گاني جي ذريعي بيانيو پيش ڪيو وڃي ٿو. ڀارت ۾ ٽاڪ شوز يا نيوز ميڊيا اسان جي نيوز ميڊيا کان وڌيڪ مضبوط آهي. هن چيو ته 1970ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان دنيا جو ٽيون سڀ کان وڏو فلم ميڪر ملڪ هو، 2005ع ۾ اسان فلم سازي ۾ ٻڙي تي اچي وياسين، 1970ع ۾ پاڪستان ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سئنيما گهر هئا، هن وقت مشڪل سان 400 جي لڳ ڀڳ سئنيمائون هونديون. هن چيو ته ماضي ۾ قومي بيانيو پيش ڪرڻ جا ذريعا زوال جو شڪار ٿيا، اسان کي ڪنهن ٻئي جي بيانيي جي حوالي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٽي ايل پي جي خلاف جڏهن حڪومت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ته ڪراچي ۾ ٽوئيٽر ٽرينڊ ”سول وار ان ڪراچي“ شروع ٿي ويو، ٽن ڪلاڪن جي اندر ان ٽرينڊ تي 2.5 ملين ٽوئيٽس ڀارت مان ٿيون. نور مقدم ڪيس هڪ ڪرمنل ڪيس هو، هڪ ڀارتي چينل ان ڪيس تي ڪيترن ئي سئو منٽس جون وڊيوز تيار ڪيون جن ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ عورتون محفوظ نه آهن، لاهور ۾ ٽڪ ٽاڪر جي واقعي تي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي مهم هلائي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ عورتون محفوظ نه آهن، اها ماڊرن وار فيئر آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اندر 150 جي لڳ ڀڳ چينلز موجود آهن جن ۾ 43 عالمي چينل آهن، هتي هتڪ عزت جو قانون موجود نه آهي جنهن جي ڪري هر شخص پنهنجي مرضي سان جيڪا ڳالهه ڪرڻ چاهي ڪري ڇڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا جو مقابلو ڪنهن مسلمان ورلڊ يا ٿرڊ ورلڊ سان نه ٿو ڪري سگهجي، هتي ميڊيا وڌيڪ آزاد آهي، اسان وٽ ٽي وي چينلز کي پاڪستان ۾ هڪ رپئي جو ڏنڊ ناهي ٿيو پر برطانيا ۾ انهن کي لکين ڊالر ڏنڊ ٿي چڪو آهي. هن چيو ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ تي عدالت مان سزا ڏني وڃي ٿي. هن چيو ته اسان هڪ نئين قانونسازي آڻڻ چاهي پئي، ان تي باقاعده تحريڪ هلائي وئي ته ميديا جي آزادي خطري ۾ پئجي وئي آهي، فيڪ لاء ٺاهي واٽس ايپ ميسيجز ڪيا ويا، ڊان اخبار ان تي ايڊيٽوريل لکي ڇڏيو جنهن تي يورپي يونين پڻ چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا آزاد نه آهي جڏهن ته اسان جو چوڻ هو ته جنهن قانون جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهو اصلي نه فيڪ آهي. هن چيو ته عراق جي ڪويت تي حملي کانسواءِ 1947ع کانپوءِ دنيا ۾ ڪنهن ملڪ ڪنهن ٻئي ملڪ تي قبضو نه ڪيو ڇو ته دنيا ۾ جنگ جو تصور بدلجي ويو آهي، افغانستان جي ڪلاسڪ وار ڊيفينيشن ڪئي وڃي ته آمريڪا اتي ٽن ڪلاڪن ۾ جنگ کٽي ويو هو، ان جي باوجود بار بار اهو چيو وڃي ٿو ته آمريڪا افغانستان ۾ جنگ نه کٽي سگهيو ڇو ته آمريڪا اتي مستحڪم سياسي نظام نه ڏئي سگهيو. چوڌري فواد حسين چيو ته هاڻي تصور تبديل ٿي ويو آهي، هاڻي ڪنهن ملڪ تي حملو ڪندا ته ان ملڪ جي عوام جي ذميواري به هوندي، جيستائين عوام کي بحال نه ڪيو ويندو، ڪاميابي به تصور نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آندي وئي آهي، وزيراعظم واحد ليڊر آهي جيڪو چوي ٿو ته منهنجي قوم کي عزت ڏيندا ته آئون عزت ڪندس، ڪيترن ئي ماڻهن کي اهي شيون برداشت نه آهن. هن چيو ته اهڙو بيانيو ڏنو وڃي ٿو جو پاڪستان ۾ صحافت ۽ اقليتون خطري ۾ آهن. هن ٻڌايو ته اسان 850 اهڙيون ويب سائيٽس پڪڙيون جيڪي ڀارت پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه جي لاءِ تيار ڪيون هيون، انهن ويب سائيٽس جو مقصد پاڪستان جي خلاف غلط خبرون جنريٽ ڪرڻ هو، ڀارت جي نيوز ايجنسي اي اين آئي انهن ويب سائيٽس سان لنڪ هئي، ڀارتي حڪومت ۽ ڊس انفوليب جي ذميوارن گڏجي پاڪستان جي خلاف وڏي مهم شروع ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطلاعات وارو وزير بڻيس ته ان وقت پي ٽي آءِ جي ڊيجيٽل ميڊيا پاڪستان جي سرڪاري ميڊيا کان وڌيڪ طاقتور هئي، اسان اطلاعات واري وزارت ۾ ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ٺاهي جيڪا دنيا جي ڪنهن به ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جي برابر ڪم ڪري رهي آهي، اي پي پي کي اسان ڊيجيٽل نيوز ايجنسي بڻايو، جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته پي ٽي وي 41 ڪروڙ رپيا خساري ۾ هو، پي ٽي وي هن سال 4 ارب رپين جو روينيو حاصل ڪيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ادارن ۾ ماڻهو سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪيا ويا، ڪنهن سياستدان جي لاءِ تمام آسان هوندو آهي ته اهو ماڻهن کي نوڪريون ڏئي پنهنجي اليڪشن محفوظ بڻائي، پيپلزپارٽي پنهنجي دور ۾ ادارن جي اندر سياسي بنيادن تي ڀرتيون ڪري ادارن جو ٻيڙو غرق ڪيو، 41 ڪروڙ رپين جي خساري ۾ هلندڙ پي ٽي وي هن سال 4 ارب رپين جو روينيو حاصل ڪيو آهي جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. رڳو پي ٽي وي اسپورٽس جو روينيو 2.1 ارب رپيا آهي. هن چيو ته جيستائين اسان کي پنهنجو بيانيو پيش ڪرڻ ۽ ٻين جي بيانيي جو جواب ڏيڻ نه ايندو ان وقت تائين اسان جي نيشنل سيڪيورٽي خطري ۾ رهندي.