مخالف ڌر ق ليگ کي وڏ وزارت جي آڇ ڪئي پر ق ليگ نه آئي، اڃان وڏا سرپرائيز ايندا: فرخ حبيب

image
APP29-290322 ISLAMABAD: March 29 - Mr. Farrukh Habib, Minister of State for Information and Broadcasting addressing a press conference. APP

اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته جنهن تڪ مان رانا ثناءُ الله ٻه ڀيرا وزير رهيو انهي تڪ مان 2018ع ۾ اليڪشن ۾ هڪ پولنگ اسٽيشن مان کٽي نه سگهيو، مخالف ڌر ق ليگ کي وڏ وزارت جي آڇ ڪئي پر ق ليگ نه آئي، اڄ وري هڪ سرپرائيز اچڻ وارو آهي، مخالف ڌر کي 1000 وولٽيج جو ڪرنٽ لڳندو. مملڪتي وزير فرخ حبيب سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بي اعتمادي رٿ جمع ٿيڻ کان اڳ 7 مارچ تي ڳالهيون نه مڃڻ تي ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن، ڀڳوڙو نواز شريف محب الله سميت ٻين ملڪ دشمنن سان ملندو رهيو آهي، مخالف ڌر ناڪام ٿي چڪي آهي، ان جي راند به ناڪام ٿي چڪي آهي، ٻاهريون طاقتون پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهين ٿيون، پي ٽي آءِ جو تاريخي جلسو هو، موٽر وي ۽ هاءِ ويز پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان ڀريل هئا، هن چيو ته اسان چورن جو مقابلو ڪرڻ آيا آهيون، 63 اي جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، هن چيو ته باغي ميمبرن واپسي جي لاءِ رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن، اسيمبلي ميمبر جو هڪ ووٽ، ڪروڙين ووٽرز جي امانت آهي، تڪ جا ماڻهو باغي ماڻهن کي نه ڇڏيندا، اسان اتحادين کي پهرين به گڏ وٺي هليا آهيون ۽ آئنده به گڏ وٺي هلنداسين، جن ماڻهن جون شيروانيون تيار آهن اهي ضايع ٿيڻ واريون آهن، بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي چڪي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهباز شريف کي لاڙڪاڻي جي روڊن تي زرداري کي گهلڻو هو، هڪ کي نواز شريف کي سلام نه ڪرڻو هو ۽ فضل الرحمان کي عالم اسلام کي گڏ ڪرڻو هو پر ڪجهه نه ٿي سگهيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان ٻاهرين سازشن کي ناڪام بڻايو آهي، اسان جون ڳالهيون حتمي مرحلن ۾ آهن، بي اعتمادي رٿ تي ووٽ واري ڏينهن مخالف ڌر ميمبرن جو تعداد به هڪ سرپرائيز هوندو، خبر ناهي لانگ مارچ شارٽ مارچ ڇو ٿيو، اهي ته پي ٽي آءِ جو جلسو روڪرائڻ آيا هئا، لاهور کان شروع ٿيندڙ مارچ ۾ ڪو ذڪر جوڳو عوامي تعداد هجي ته ٻڌايو وڃي، انهن جا پنهنجا ميمبر اسلام آباد ۾ هئا، هن چيو ته جڏهن پاڪستان ۾ 400 ڊرون حملا ٿيا ته فضل الرحمان ڪٿي هو، نواز، زرداري لکت ۾ ڊرون حملن جي اجازت ڏني، وزيراعظم عمران خان دل سان مسلمان امت جي ترجماني ڪري ٿو، سنڌ هائوس ۾ جيڪا نيلام گهر ۽ منڊي لڳائي وئي، اهي به سڀني جي سامهون آهن، ق ليگ سان پهرين ئي چونڊ اتحاد آهي، اسان اتحاد کان ٻاهر ڪنهن کي وزارت اعليٰ جي آڇ ناهي ڪئي، عثمان بوزدار عمران خان جو دلير ساٿي آهي، جيڪو ان سان گڏ بيٺل آهي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب
متعلقہ مضامین
مزید خبریں