ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو

image
APP50-250322 ISLAMABAD: March 25 - Dr. Mohiyuddin Hashmi, Dean Allama Iqbal Open University, Islamabad, delivering the Friday Sermon on the topic of "The Concept of Knowledge in Islam and Conquering the Universe", at Jamia Masjid, Aiwan-E-Sadr. APP

اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان ”علم جو اسلامي تصور ۽ تسخير ڪائنات“ جي موضوع تي جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڊين ڊاڪٽر محي الدين هاشمي خطبو ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جا عملدار ۽ عملي جي ميمبر به ان موقعي تي موجود هئا. ڊاڪٽر محي الدين هاشمي پنهنجي خطبي ۾ اسلامي تعليمات موجب علم جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته حضور صلي الله عليه وآله وسم تي نازل ٿيندڙ پهرين وحي ۾ علم جو ذڪر آيو، ان سان علم جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، هن چيو ته علم جي اهم قسم مشاهدو ۽ ٻي قسم تحقيق ۽ جستجو مان حاصل ٿيندي، موجوده ذخيره علم ۾ اضافو تحقيق چورائيندو آهي ۽ انهي جي بنياد تي انسان ترقي ڪئي آهي، هن چيو ته علم ۽ تحقيق ترقي يافته ملڪن جي صفت آهي ۽ انهن ملڪن ان تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته مسلمان امت ۾ تحقيق جا روشن مثال موجود آهن. اسلام دنيا کي آخرت جي کيتي چيو آهي، ان جي اهميت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، علم ڪنهن هڪ قوم جي جاگير نه آهي پر پوري انسانيت جي ميراث آهي. ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں