اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته شب برات عظيم ۽ فضيلت واري رات آهي، ان رات ال??ه تعاليٰ پنهن??ي بندن تي رحمت ۽ ب??شش جا دروازا کوليندو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب شب برات جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته شبِ برات جي مقدس رات جي موقعي تي پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف وڙهندڙ جوانن کي پنهنجي دعائن ۾ ضرور ياد رکي، هن چيو ته ال??ه تعاليٰ پاڪستان تي رحمتن ۽ برڪتن جو سايو سدائين برقرار رکي ۽ ال??ه پاڪستان جي حفاظت ڪري ۽ ايندڙ سال ۾ ملڪ کي مصيبتن ۽ مسئلن کان محفوظ ??کي.