اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 20 فيبروري تي سبي ضلع?? ۾ ??هيد ٿيندڙ ڪيپٽن سيد حيدر عباس جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ملڪ ج?? لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪيپٽن سيد حيدر عباس جي وارثن سان ٽيليفونڪ ??الهه ٻولهه ۾ شهيد جي درج?? جي بلندي ۽ وارث?? جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.