اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته حڪومت ۽ عدليه جي وچ ۾ مسئلن جي حل ۽ مشاورت جي لاءِ هڪ فورم هجڻ گهرجي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 233 ارب رپين جا ڪيس التوا هيٺ آهن، اهو ڪنهن شخص جو ذاتي نه پر ملڪ جو پئسو آهي، انهن ڪيسن جي حوالي سان چي?? جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ رج??ٽر??ر سان سٺي ماح??ل ۾ ملاقات ٿي، چي?? جسٽس اطهر من الله بهتر مشورا ڏنا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اڄ ايف بي آر چيئرمين سان گڏ اسان جي چي?? جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ رج??ٽر??ر سان سٺي ماح??ل ۾ ملاقات ٿي، ملاقات دوران ايف بي آر چيئرمين 13 ڪيسن کي وڌيڪ اهم قرار ڏنو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته جسٽس اطهر من الله پاڪستان جي ڪجهه وڏن ججن مان آهي. هن پاڪستان جي خوشحالي طرف هڪ وڏو قدم کنيو آهي. هن چي?? ته اميد آهي باقي عدالتون به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پوئيواري ڪنديون. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته وصولين بابت ڪيس هاءِ ڪورٽ نه، ايف بي آر جي وڪيلن جي ڪري ڦاٿل آهن. هن چي?? ته حڪومت ۽ عدليه جي وچ ۾ مسئلن جي حل ۽ مشاورت جي لاءِ هڪ فورم هجڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته يقيني طور تي ايف بي آر چيئرمين اجلاس ۾ ڏنل تجويزن مان فائدو کڻندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اسان عدم اعتماد جي رٿ جي حوالي سان تيار آهيون، پر لڳي ٿو مخالف ڌر پاران عدم اعتماد جي رٿ اچڻي نه آهي.