اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي تاريخي يوم تاسيس تي مبارڪباد ڏيندي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته يوم تاسيس جي موقعي تي آئون خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ملڪ جي ڀائر عوام کي دلي ??بارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته دعا آهي ته اسان جو هي ديس ترقي جي راهه تي گ??مزن رهي ۽ هتان جي رهواسين کي سدائين خوشحالي ??يسر رهي.