بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي بيجنگ ۾ پنهنجي چيني هم منصب اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پرڏيهي وزيرن جي سطح تي اسٽريٽجڪ ڳالهين جو اي??دڙ دور جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ سمورين سطحن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز آه??، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حص??داري مثالي نوعيت جي آه??. هن چيو ته امن ۽ خوشحالي جي حص??دار جي حيثيت سان ٻئي ملڪ پوري خطي جي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آه??. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ”ون چائنا پاليسي“ سميت سدائين چين جي بنيادي قومي مفادن جي حمايت ڪئي آه??. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آه??، پاڪستان ۽ چين ان سلسلي ۾ ويجهو تعاون برقرار رکندا. سي پيڪ جي ??وا??ي سان شاهه محمود قريشي چيو ته سي پيڪ، بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي طور پاڪستان ۽ چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آه??، ٻئي ملڪ سي پيڪ جي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۽ ان کي بي آر آئي جو اعليٰ معياري ترقياتي منصوبو بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آه??.