اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي انساني وسيلن کي بلاڪ، چين ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت،سائبر سيڪيورٽي ۽ بگ ڊيٽا جهڙين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شع??ي ۾ ترقي ۽ تربيت ڏيڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي، صدر اهڙ?? خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ بلاڪ چين ماهرن جي هڪ عالمي وفد سان ملاقات دوران ??يو. جنهن جي قيادت بي ايس وي بلاڪ چين ايسوسيئيشن جي ب??ني صدر جيمس نيگوين ڪري رهيو هو. صدر بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي اهميت ۽ فائدي جي ب??ري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن سرڪاري ۽ نجي شع??ا ان مان فائدو وٺي سگهن، وفد سان ??الهائيندي صدر چيو ته بلاڪ چين ٽيڪنالاجي ڏيڻ وٺڻ کي ٽريڪ ڪرڻ، بدعنواني کي گهٽ ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي شع??ن ۾ شفافيت وڌائڻ جو هڪ طاقتور ذريعو ٺهي سگهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي صلاحيتن کان پوري طرح فائدي وٺڻ سان ??ڏوگڏ پاڪستان ۾ ان جي لاڳو کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ جامع نقطه نظر جي ضرورت آهي، صدر پاڪستان جي ٽيڪنالاجي ٽيلينٽ جي خدمتن کي ساراهيو. جنهن دنيا جي ڪجهه وڏي ڪمپنين کي ٽيڪينڪي سهولت فراهم ڪري پنهنجي شناخت ٺاهي آهي، هن ان حقيقت کي اجاگر ڪيو ته گذريل سال دوران پاڪستاني اسٽارٽ اپ آءِ ٽي جي شع??ي ۾ قابل قدر عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، ان موقعي تي جميز نيگوين معيشت جي مختلف شع??ن جهڙوڪ بئنڪنگ، فنٽيڪ، ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ، هيلٿ ڪيئر، بگ ڊيٽا، ماحوليات ۽ گورننس ۾ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي امڪانن ۽ استعمال جي ب??ري ۾ آگاهه ڪيو. هن ميٽنگ کي پاڪستان ۾ بي ايس وي بلاڪ چين پاران ??نيل ڪيترن ئي قدمن جي ب??ري ۾ به آگاهه ڪيو.