اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته آزادي جي ڏهاڙي جي ڊا??منڊ جوبلي ت??ري??ن جو مرڪزي پيغام اتحاد، انصاف ۽ پنهنجي آزاد حيثيت تي فخر هجڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان ت??ري??ن لاءِ تيار ڪيل مواد منفرد، مستند ۽ اسان جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي جوڙيو وڃي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊا??منڊ جوبلي 2022ع جي تقيربن جي تياري جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شه??از گل، شه??اد نواز، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ڊا??منڊ جوبلي ت??ري??ون ملهائڻ جو مقصد متحد پاڪستاني قوم جو پنهنجي آزادي تي فخر جو اظهار هوندو. ت??ري??ن ۾ قائداعظم ۽ علامه اقبال جي نظرين کي اجاگر ڪرڻ آهي، هن چيو ته هن سال يوم آزادي تي دنيا ڏسندي ته پاڪستاني قوم متحد ۽ مضبوط قوم آهي،
رنگارنگ ثقافت، قدرتي وسيلن ۽ هم آهنگي اسان جي اصل سڃاڻپ آهي، هن هدايت ڪئي ته ت??ري??ن جي حوالي سان تيار ڪيل مواد منفرد، مستند ۽ اسان جي تاريخ کي نظر ۾ رکي جوڙيو وڃي. هن چيو ته ڊا??منڊ جوبلي ت??ري??ن جو مرڪزي پيغام اتحاد، انصاف ۽ پنهنجي آزاد حيثيت تي فخر هجن گهرجي، خاص مددگار شه??اد نواز وزيراعظم کي ت??ري??ن جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.