اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فري فائر پاڪستان ليگ ٽورنامينٽ سان اي اسپورٽس کي فروغ ملندو. نوجوان اي اسپورٽس ۾ عالمي ??طح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪندا. پاڪستاني نوجوانن ۾ اي اسپورٽس ڪ??چر کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن فري فائر پاڪستان ليگ جي فائنل مقابلن ۾ ح??و وٺندڙ 12 ٽيمن جي اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪئي. فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو قومي ??طح تي اي اسپورٽس جو انعقاد خوش آئنده آهي، هن چيو ته فري فائر پاڪستان ۾ ٿيندڙ پهريون اي اسپورٽس ٽورنامينٽ آهي جيئن جيئن اسان اڳتي وڌنداسين ان جا ثمر اچڻ شروع ٿيندا، چوڌري فواد حسين چيو ته ڪورونا وبا دوران پاڪستاني نوجوانن کي اي اسپورٽس جي ضرورت ۾ هڪ وڏو موقعو ميسر آيو آهي، پاڪستاني ٻار به هاڻي اي اسپورٽس ۾ ح??و وٺي وڏا انعام کٽي سگهن ٿا. هن چيو ته گيرينا دنيا جي مشهور ڪمپني آهي جيڪا بيڪو جي تعاون سان پاڪستان ۾ فري فائر قومي ٽورنامينٽ جو انعقاد ڪري رهي آهي، فري فائر گيم ۾ هڪ ڪروڙ روپين تائين جا انعام آهن، قومي ??طح جي مقابلن ۾ کٽيندڙ ٽيم عالمي ??طح تي ٿيندڙ مقابلن ۾ ح??و وٺي سگهندي. چوڌري فواد حسين چيو ته راندين ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندڙ ٻارن وٽ موقعا آهن ته هو ننڍي عمر ۾ وڏي رقم کٽي سگهن ٿا، ملاقات ۾ قومي ??طح جي فائنل مقابلن ۾ شر??ت ڪندڙ 12 ٽيمن جي ٽيم ليڊرن سميت بيڪو جي ڏکڻ ايشيا جي ريجنل هيڊ جان زانگ ۽ ٻيا نمائندا به موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين فري فائر گرينڊ فائنل ايونٽ ۾ ح??و وٺندڙ سڀني ٽيمن جي جرسين تي صحيح ڪيون ۽ انهن جي لاءِ ني?? خواهشن جو اظهار ڪيو. فري فائر پاڪستان ليگ جو گرينڊ فائنل 10 آڪٽوبر تي پي سي هوٽل ڪراچي ۾ ٿيندو. گرينڊ فائنل ايونٽ فري فائر اي اسپورٽس پاڪستان جي ٽيوب چئنل ۽ فين پيج سميت پي ٽي وي تي سڌو سنئون نشر ڪيو ويندو.