اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان عراق سا?? پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ گڏيل امنگون رکندڙ آهن، پاڪستان ۽ عراق کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان جي دوري تي آيل عراق جي پرڏيهي و??ير ڊاڪٽر فواد حسين سا?? ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان عراق جي خودمختياري، سياسي اتحاد ۽ علائقائي سلامتي جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان عراق جي نئين سر تعمير ۾ هنرمند ۽ تربيت يافته ورڪ فورس سا?? گڏوگڏ ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي فراهمي ۾ پڻ مدد ڪري سگهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ دفاع جي شعبي ۾ تعاون کي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن عراقي پرڏيهي و??ير ک?? چيو ته هو پاڪستاني زائرين کي ويزا ڏيڻ ۽ عراق ۾ مقدس جاين جي دوري دوران سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. صدر عراقي پرڏيهي و??ير ک?? اهو به ٻڌايو ته ڀارتي غيرقانوني و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن کي ڀارت پاران بدترين ڏاڍ ۽ دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته اها ڀارتي غيرقانوني و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي ۽ ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏياري. ان موقعي تي عراقي پرڏيهي و??ير ڊاڪٽر فواد حسين چيو ته عراق پاڪستان کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي و??پار، ثقافت ۽ دفاع ۾ پاڪستان سا?? تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن صدر ک?? آگاهه ڪيو ته هن اسلام آباد ۾ عراقي سفارتخاني کي هدايت ڪئي آهي ته هو زائرين کي ويزا ۽ سفر ۾ سهولت فراهم ڪري. هن عراقي سفارتڪارن کي تربيت ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا ۽ عراقي قيادت پاران پاڪستان جي عوام ۽ قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.