اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۾ منشيات کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ ۽ ان لعنت کي وڌندڙ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي شاگردن جي ضرورتن جي پيش نظر اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهولت پيدا ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽي انفراسٽرڪچر کي معذور دوست ??ڻا??و وڃي. هو سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سموريون يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جي ورچوئل اجلاس جي صد??رت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، منشيات جي روڪٿام واري سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) اڪبر حسين دراني، انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري انع??م الله خان، اين اي ايف جي عملدارن ۽ 165 يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن به شرڪت ڪئي. يونيورسٽين ۾ منشيات جي استعمال جي روڪٿام ۽ خصوصي ماڻهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي قدمن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي جو اهو ٻيو اجلاس هو، اجلاس ۾ صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل خصوصي شاگردن کي انجنيئرنگ پروگرام ۾ داخلا جي ا??از?? ناهي ڏني، هن چيو ته ان معاملي ۾ پروفيشنل ڪائونسلز خاص طور پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي گائيڊ لائنز تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن يونيورسٽين ۾ منشيات جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ان جي استعمال جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. صد?? هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي وائيس چانسلرز جي هڪ ڪميٽي جوڙجڪ ڏيڻ جي تجويز ڏني جيڪا منشيات جي استعمال جي خلاف مهم جي لاءِ آگاهي مواد تيار ڪندي. هن شاگردن ۾ منشيات جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ والدين سان ويجها رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.