اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پارلياماني ليڊر خالد مقبول صديقي قوم?? اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي هڪ مضبوط، ترقي يافته ۽ جمهوري پاڪستان گهرجي. قوم?? اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته وزيراعظم تي ايوان اعتماد جو اظه??ر ڪيو آهي، توهان کي هن ايوان مان وقت سر اعتماد مليو آهي. هاڻي توهان جي ذميواري آهي ته توهان قوم کي اعتماد ۽ اعتبار ڏيو. توهان جي فيصلن ۾ اتحادين جي راءِ شامل هجڻ به ضروري آهي. اسان توهان تي اعتماد جو اظه??ر ڪيو آهي، اسان رڳو وٺڻ وارا هٿ به نه آهيون اسان جو ڏيڻ وارو هٿ به آهي. پاڪستان ٺاهڻ جو به ڪو مقصد هو اسان ??اه??ون ٿا ته اهو مقصد توهان جي هٿان پ??رو ٿئي.