اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ اداره جاتي سڌارن واري صلاح??ار ڊاڪٽر عشرت حسين چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن اسٽل مل، پي آءِ اي، ريلوي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان سميت ٻين رياستي ادارن کي ايمپلائمينٽ بيورو سمجهي سياسي ڀرتيون ڪيُون، جنهن جي ڪري ادارن جي ??عاليت ۽ ڪارڪردگي بهتر نه ٿي سگهي، پهريون ڀيرو شفاف انداز سان 45 ادارن جي سربراهن جي ??روجه قاعدن ۽ ضابطن موجب مقرريون ڪيون ويون آهن، ريلوي ۾ ريگوليٽري ک?? ڌار ڪرڻ سان گڏوگڏ 5 ڪمپنيون ٺاهڻ، اسٽيل مل پرائيويٽ سيڪٽر کي ليز تي فراهم ڪرڻ ۽ پي آءِ اي جي اڌ ملازمن کي والنٽيئر هينڊشيڪ ڏئي گهرن ڀيڙو ڪيو ويندو، ايف بي آر ۾ ٽيڪس پيئر جي ??عاملن ۽ ريفنڊ جي عمل کانپوءِ انڪم ٽيڪس معاملن کي به آٽوميشن تي آڻڻ جو منصوبو آهي، پهريون ڀيرو اعليٰ اختياراتي بورڊ پاران گريڊ 21، 22 جي ترقين جي عمل کي چئلينج ناهي ڪيو ويو، نئون ڪاروبار شروع ڪرڻ جي ??اءِ وفاقي، صوبائي ۽ مقامي ادارن اين او سي، لائسنس ۽ سرٽيفڪيٽس جي ??يچيده عمل کي آسانيون بڻايو پيو وڃي ته جئين ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ آسانين سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي سگهندا. هو پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.