اسلام آ??اد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو اهڙو طريقيڪار ج??ڙيو وڃي جنهن جو فائدو خاص طور تي غريب طبقي ۽ پٺتي پيل علائقن کي ملي، ان حوالي سان ٺوس منصوبو عملدرآمد جي مدي سميت پيش ڪيو وڃي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اوڳاڙين واري خاص مع??ون ڊاڪٽر وقار مسعود ڪابينا کي سبسڊي ۽ گرانٽس جي طريق??ڪا?? کي معقول بڻائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ ڪابينا کي گذريل 13 سالن جي اوڳاڙين ۽ خرچن، سبسڊي ۽ گرانٽس جو تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو.