وزيراعظم اي ايس ايف اهلڪارن پاران مسافرن سان بداخلاقي جو نوٽيس وٺي ورتو

image

اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اي ايس ايف اهلڪارن پاران مسافرن سان بداخلاقي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. بيان موجب وزيراعظم رياض کان پشاور فلائيٽ واقعي جي عبوري رپورٽ ملڻ تي هوابازي ڊويزن کي لاڳاپيل آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي ۽ ايئرپورٽ مئنيجر طاهر سڪندر، ڊيوٽي ٽرمينل مئنيجر ظهير ۽ ملڪ اڪرم کي فوري طور تي معطل ڪرڻ سميت صورتحال کي پيشيواراڻي انداز ۾ منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي تي ڄاڻايل آفيسرن خلاف ضابطي جي ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت
متعلقہ مضامین
مزید خبریں