اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران مسلم ليگ (ن) اسلام آباد جي ضلعي صدر راجا وقار ممتاز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مسلم ليگ (ن) اسلام آباد جي ضلعي صدر راجا وقار ممتاز جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن راجا وقار ممتاز جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته راجا وقار ممتاز مسلم ليگ (ن) جو مخلص ۽ پرعزم ڪارڪن هو. سندس لاڏاڻي سان مسلم ليگ (ن) کي وڏو نقصان پهتو آهي. هن چيو ته مرحوم جي پارٽي لاءِ اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.

مضمون کا ماخذ : loteria estadual
متعلقہ مضامین
مزید خبریں