وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ امداد ۽ بحالي جي موجوده صورتحال تي اجلاس

image
APP78-020922 ISLAMABAD: September 02 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif chairing a meeting on flood update and restoration of supplies. APP

اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جا اهي سمورا 406 متاثر فيڊرز ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي ويندا جتان ٻوڏ وارو پاڻي لهي چڪو آهي، انڊس هاءِ وي اين – 55 جي ڪجهه علائقن ۾ اڃا تائين ٻوڏ وارو پاڻي بيٺل آهي باقي سمورا وڏا رستا ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ امداد ۽ بحالي جي موجوده صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم کي متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي، خاص طور تي بجلي، پيٽرول ۽ مواصلات جي نظام جي بحالي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي، بجلي واري وزارت جي سيڪريٽري وزيراعظم کي ٻڌايو ته سندس هدايت موجب وزارت جا سمورا آفيسر فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ ٻوڏ جي ڪري بجلي جي فراهمي ۾ ايندڙ تعطل کي بحال ڪرڻ جي ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ 07 کانسواءِ بجلي جا اهي سمورا 406 متاثر فيڊرز ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي ويندا جتان ٻوڏ وارو پاڻي لهي چڪو آهي. انهن فيڊرز ۾ 04 پنجاب، 22 خيبرپختونخواهه، 90 سنڌ ۽ 20 بلوچستان ۾ آهن. اين ايڇ اي جي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته انڊس هاءِ وي اين – 55 جا ڪجهه علائقا جتي اڃا تائين ٻوڏ وارو پاڻي بيٺل آهي کانسواءِ سمورا وڏا رستا جن ۾ اين – 5 جي ٽي روڊ ۽ اين – 65 سکر کان ڪوئيٽا روڊ شامل آهن ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن. وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي جون ٽيمون فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ برساتن ۽ ٻوڏ واري پاڻي جي ڪري رستن تي پيل گهاري ڀرڻ جو ڪم وڏي تيزي سان جاري رکيو آهي. پي ٽي اي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته ملڪ جي سمورين 51733 موبائيل ڪميونيڪشن سائيٽس مان رڳو 648 سائيٽس ٻوڏ واري پاڻي جي بيهڻ جي ڪري هيستائين بحال ناهن ٿي سگهيون، جيڪي انشاءَ الله ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي وينديون. وزيراعظم ريليف ۽ ريسڪيو ۾ سمورن ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ انهن کي آفت سٽيل علائقن ۾ رهندڙ هم وطنن جي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ ۾ وڌيڪ محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت
متعلقہ مضامین
مزید خبریں