فوج جي اعليٰ عهدن تي مُقرري جي سمري وزيراعظم آفيس کي موصول، وزيراعظم مقررين جو فيصلو ڪندو: وزيراعظم آفيس

image

اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي عهدن تي مقرري جي لاءِ دفاع واري وزارت پاران موڪليل سمري وزيراعظم آفيس کي موصول ٿي وئي آهي. اربع تي وزيراعظم آفيس جي ٽوئيٽ مطابق سمري ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي عهدن تي مقرري جي لاءِ نالن جو پينل موڪليو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف مقرر طريقيڪار مُوجب انهن مقررين جو فيصلو ڪندو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد
متعلقہ مضامین
مزید خبریں