وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۾ ملاقات

image
APP83-150922 SAMARQAND: September 15 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif meets Iranian President, Ibrahim Raisi in Samarqand on the sidelines of SCO-CHS. APP

ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي جيڪو خميس ۽ جمعي تي ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي وزير بلاول ڀٽو زرداري، خواجه محمد آصف، مفتاح اسماعيل ۽ ايراني عملدار پڻ موجود هئا.

مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم
متعلقہ مضامین
مزید خبریں