گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٻوڏ جي تباهين بابت بريفنگ ڏني ويندي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس جي شاندار آجيان ڪندي چيو آهي ته ان جي دوري دوران کيس ٻوڏ جي تباهين بابت بريفنگ ڏني ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو. ان جي دوري سان عالمي تعاون کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria
متعلقہ مضامین
مزید خبریں