وزيراعظم جُون ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ اسپين جي صدر پيڊرو سانشيز سان ملاقاتون

image
APP78-200922 NEW YORK: September 20 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif in a bilateral meeting with H.E Sayyed Ebrahim Raisi, President of the Islamic Republic of Iran on the sidelines of 77th Session of United Nations General Assembly. APP

نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ اسپين جي صدر پيڊرو سانشيز سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپين جي صدر پيڊرو سانشيز سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اهي ملاقاتون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيون. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.

مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں